ٻٻر ڪوري

ٻٻر ڪوري

ٻٻر ڪوري

ٻٻر، ڪوري/ روڏو پکي loceus manyar/ Streaked Weaver: 14 سينٽي ميٽر جسامت رکندڙ هي ننڍڙو پکي سڄي سنڌو ماٿريءَ ۾، ۽ ان جي ويجهن جبلن ۾ ٿئي ٿو. هندستان ۾ ان جي آبادي هر هنڌ پر ڇڊي آهي. نر پکيءَ جي چوٽي سونهري هيڊي ٿئي ٿي. لڳ جي مند ۾ نر کي سونهري هيڊي چوٽي ٿيندي آهي. منڍي چهنب ۽ ڳچيءَ کان ڪنڌ ۽ ڪياڙيءَ تائين گـهري ناسي هوندي اٿس. عام طور تي نر مادي ۽ ٻچي جي جسم جي اندرين پاسي گهڻا لينگها هوندا آهن. ڏسڻ وائسڻ ۾ پنهنجي هم نسل ڪوري پکي (Baya) جهڙو ئي ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ ان جا لينگها ڪجهه وڌيڪ گهرا ۽ تير جي اَڻيءَ نما هوندا آهن. ان جي ٻولي نرم ۽ مستقل ’سِي سِي سِي سِي سي سِي سِي‘ هوندي آهي، جيڪا پڇاڙيءَ ۾ ’او .. چِي .. ي ي ‘ تي ختم ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ’ٽري ٽري .. چِرڙ چِرڙ ‘ يا ’چِرٽ ..چِرٽ‘ به ڪندو آهي. عام ٻَٻر (نر ڪوري) جهڙيون عادتون اٿس. گل ۽ نرم گاهه وغيره کائي ٿو. مندن ۾ سيلابي علائقن ۾ تيلي ٻج وارن گاهن وارن علائقن ۾ رهي ٿو. سڄي هندستان ۾ علائقن جي حساب سان فيبروري کان آڪٽوبر جي وچ ۾ لڳ ڪندو. آکيرو Baya جهڙو اٿس، پر ڪجهه مختلف ٿئي ٿو. هي پکي پاڻيارن علائقن ۾ وڻن تي ٽڙ پکڙ يا ڪڏهن وڏين ڪالونين ۾ آکيرا جوڙيندا آهن. هي پکي سنڌ ۾ عام آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو